ذاڪري درگاهه

ذاڪري درگاهه

ذاڪري درگاهه

ذاڪري درگاهه: پير ذاڪري جي درگاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ گهنڊيا ويجهو ڳوٺ پريل شاهه ۾ آهي. هن درگاهه جو بنياد پير روضي ڌڻيءَ رکيو. اهو بزرگ اصل ۾ قادري سلسلي جي پيروي ڪندڙ هو. هيءَ درگاهه صوفياڻي فڪر جي ترغيب جي نسبت اهميت واري آهي. سيد روضي ڌڻي کانپوءِ ان جو فرزند سيد احمد شاهه درگاهه جو گادي نشين ٿيو ۽ هينئر ان جو فرزند سيد منير احمد شاهه گادي نشين آهي. درگاهه جي عمارت جديد طرز جي ٺهيل آهي. هن جي مهاڙي ۾ نمائشي وننگن سان ٽنهي طاقن ۾ چوڪاٺن سان در آهن. طاقن ۾ دروازن جي مٿان ڪالم ڪڍي، قرآن شريف جون آيتون لکيون ويون آهن. مهاڙيءَ ۾ سمورو ڪم ڪاشيءَ جو ٿيل آهي. پيڙهه وٽان ڪاشيءَ جون نيريون، وڏي گل واريون سرون لڳل آهن. مهاڙي واري وچئين در جي ٻنهي پاسن کان ٻه جارا ڇڏيا ويا آهن. مهاڙيءَ ۾ ٻيڙ ٻني تي جنسار واريون ڄاريون آهن. وچ وارو طاق مهاڙيءَ تي تاج ٺاهي ٿو، تاج جي ٻنهي پاسن تي منارا ۽ انهن تي نيلون لڳل آهن. درگاهه جي مهاڙيءَ جي ٻنهي پاسي پيڙهه کان ٿنڀ آهن، جيڪي مٿي منارا ٺاهين ٿا. هيءَ درگاهه ڪافي ڪشادي آهي. مهاڙيءَ واري لنگهه کان اندر اڱڻ ۽ ٻن طرفن توڙي سامهون ٻيا به هجرا آهن سامهون واري مرڪزي اڏاوت مسجد جي آهي، جنهن جي پاسي ۾ مسافر خاني جي ڪوٺي تعمير ٿيل آهي. درگاهه جي مرڪزي عمارت جي مهاڙي ٻاهرين لنگهه جي نموني جي آهي، ڇت تي چار گنبذ آهن، جن تي ابتن ڪوڻي گلن مٿان نيلون رکيل آهن. عمارت جي سامهون ٿنڀن تي گنبذي ڇٽي آهي. پاسي ۾ ٽن دروازن سان هجرو آهي، جنهن جو وچ وارو دروازو اڱڻ مان اندر هجري ۾ کلي ٿو. دروازي جي مٿان پٽي تي درگاهه حضرت سيد محمد شاهه جيلاني ذاڪري لکيل آهي. هجري جي ڇت تي پنج گنبذ رکيا ويا آهن، جن مان وچ وارا ٽي گنبذ ننڍا آهن. درگاهه جي وچ واري مرڪزي عمارت مسجد آهي، جنهن ۾ نماز پڻ ادا ڪئي وڃي ٿي. طرز تعمير جي لحاظ کان هيءَ درگاهه جديد طرز عمارت سازيءَ جو بهترين نمونو آهي. درگاه، مسجد توڙي اڱڻ ۾ مرمر جي فرش بندي ڪيل آهي. درگاهه جي عمارت توڙي مسجد تي تمام خوبصورت جنسار ڪيو ويو آهي.


لفظ ذاڪري درگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو